اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان چيف ڪليڪٽر ڪسٽم ڪراچي زون جميل ناصر ملاقات ڪئي. وزيراعظم ڪسٽمز ڪراچي زون ۾ جميل ناصر ۽ سندس ٽيم کي فيس ليس ڪسٽم اسيسمينٽ سسٽم جي تياري ۽ ان تي عملدرآمد ۾ شاندار خدمتن تي ساراهيو. وزيراعظم فيس ليس اسيسمينٽ سسٽم جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ واري ڪم ڪندڙ ٽيم لاءِ 1.5 ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان ڪندي چيو ته فيس ليس اسيسمينٽ سسٽم جي ڪري ڪسٽم آپريشنز ۾ شفافيت، ڪارڪردگي ۽ سروس ڊليوري ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. وزير اعظم جديد ٽيڪنالاجي خاص طور تي مصنوعي ذهانت جي استعمال تي زور ڏنو ته جيئن ڪسٽم سسٽم کي عالمي معيار ۽ فول پروف بڻائڻ جي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته منصفاڻي، شفاف ۽ موثر ڪسٽم سسٽم کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪسٽم سسٽم ۾ عالمي معيار مطابق وڌيڪ جدت آڻڻ گهرجي.