جڳ مشهور سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ فيس بوڪ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ مختلف اَپ ڊيٽس ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن جو بنيادي مقصد واهپيدارن کي وڌ کان وڌ اهڙو مواد ڏيکارڻ آهي جيڪو سندن دوستن يا گهر وارن جو نه هجي.ميٽا طرفان فيس بوڪ ايپ ۾ لوڪل نالي ٽيب جو وڌارو ڪيو پيو وڃي جنهن ذريعي صارف جي لوڪيشن کي ڌيان ۾ رکندي مواد ڏيکاريو ويندو.لوڪل ٽيب لاءِ فيس بوڪ جي ٻين حصن جهڙوڪ مارڪيٽ پليس، لوڪل گروپس ۽ ايونٽس مان مواد گڏ ڪيو ويندو.في الحال لوڪل ٽيب جي آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ ٽيسٽنگ جاري آهي، اهڙي ريت ايڪسپلور نالي ٽيب پڻ آزمائشي مرحلي مان گذري رهي آهي.اِهو انسٽاگرام ايڪسپلور جهڙو فيچر آهي يعني هڪ اهڙو پيج جنهن ۾ نظر ايندڙ تصويرون، وڊيوز ۽ ٻيو مواد واهپيدارن جي دلچسپي مطابق ڏيکاريو ويندو.هڪ ٻي ٽيب جي ٽيسٽنگ پڻ فيس بوڪ ۾ ڪئي پئي وڃي جيڪا بنيادي طور ٽِڪ ٽاڪ کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ متعارف ڪرائي پئي وڃي.اِها ٽڪ ٽاڪ جي فاريو پيج سان ملندڙ جلندڙ ٽيپ آهي جيڪا بنيادي طور فل اسڪرين وڊيو ٽيب هوندي جتي مختصر، طويل ۽ لائيو وڊيوز کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويندو.فيس بوڪ موجب، نوجوان واهپيدار پنهنجو سٺ سيڪڙو وقت وڊيوز ڏسندي گذارين ٿا ۽ ان کي صورتحال کي ڌيان ۾ رکندي نئين فيڊ جي الگورٿم کي ٽربو چارج ڪيو ويندو.ان کانسواءِ فيس بوڪ ميسنجر ۾ به ميسنجر ڪميونٽيز نالي فيچر جو اضافو ڪيو پيو وڃي.واهپيدار ڪميونٽيز ۾ مختلف موضوعن جا مختلف چيٽ رومز تيار ڪري سگهندا ۽ فيس بوڪ گروپ جوڙڻ جي ضرورت نه رهندي.