ڪراچي (م ڊ) ميٽا جي چيف ايگزيڪيوٽو مارڪ زڪربرگ جي فيس بوڪ فالوئرز جي انگ ۾ گهٽتائي ٿي وئي، مارڪ زڪربرگ جا 119 ملين کان وڌيڪ فالوئرز ختم ٿي ويا جنهن بعد انگ 10 کان به گهٽ ٿي ويو، ميٽا جي باني کانسواءِ فيس بوڪ تي ڪيترن ئي صارفين اها شڪايت ڪئي ته انهن جا فالوئرز گهٽجي ويا آهن. ان حوالي سان بنگلاديشي ليکڪه تسليم نسرين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته فيس بوڪ تي هڪ سونامي منهنجا 9 لک فالوئرز لوڙهي وئي، ڪناري تي صرف 9 هزار فالوئرز باقي رهجي ويا آهن، ميٽا جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان کي پتو آهي ته ڪجهه فيس بوڪ صارفين پنهنجا فالوئرز گهٽجڻ جي دانهن ڪري رهيا آهن، جلد کان جلد اهو مسئلو حل ڪيو ويندو، ڪنهن کي به تڪليف لاءِ معافي وٺون ٿا.