فيروز خان جي ٻي زال سان طلاق جون افواهون، ٻنهي ۾ ويڙهه جي وڊيو وائرل

0
70
فيروز خان جي ٻي زال سان طلاق جون افواهون، ٻنهي ۾ ويڙهه جي وڊيو وائرل
فيروز خان جي ٻي زال سان طلاق جون افواهون، ٻنهي ۾ ويڙهه جي وڊيو وائرل

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار فيروز خان ۽ سندس ٻي زال ڊاڪٽر زينب فيروز وچ ۾ طلاق جون خبرون هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويون آهن. تازو ئي ڊاڪٽر زينب انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي مڙس فيروز خان کي دوستانه باڪسنگ ميچ ۾ هارائيندي نظر اچي رهي آهي، وڊيو ۾ موجود سب ٽائيٽل موجب ميچ فڪس ڪئي وئي هئي ۽ اڳ ۾ ئي طئي ٿيل هو ته ڊاڪٽر زينب کٽيندي. وڊيو شيئر ڪندي ڊاڪٽر زينب چيو ته مان پنهنجي مڙس سان سٺيون يادون گڏ ڪري رهي آهيان ۽ هر لمحي مان لطف اندوز ٿي رهي آهيان. پر ان وڊيو جي باوجود سوشل ميڊيا تي ٻنهي وچ ۾ عليحدگي جون افواهون زور وٺي رهيون آهن. ياد رهي ته فيروز خان پهرين شادي 2018ع ۾ عليزا سلطان سان ڪئي هئي جنهن مان کيس ٻه ٻار آهن. بهرحال، اها شادي 2022 ۾ طلاق تي ختم ٿي وئي. ان کانپوءِ فيروز خان ٻي شادي جون 2024ع ۾ ڊاڪٽر زينب فيروز سان ڪئي، جيڪا هڪ نفسياتي ماهر هئي. پر سندس ٻي شادي به مسلسل خبرن ۾ آهي.