سکر(بيورو رپورٽ) نيب ۾ مقرريون ۽ بدليون، فياض احمد قريشي ڊي جي نيب سکر ۽ مسعود عالم خان ڊي جي نيب ملتان مقرر. نيب هيڊڪوارٽر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق 21 هين گريڊ جي ڊائريڪٽر نيب فياض احمد قريشي کي نيب ملتان کان بدلي ڪري ڊي جي نيب سکر مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 21هين گريڊ جي ڊائريڪٽر جنرل مسعود عالم خان کي نيب سکر مان بدلي ڪري ڊائريڪٽر جنرل نيب ملتان مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن 18 هين گريڊ جي ذيشان حيدر کي هيڊڪوارٽر کان ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب ڪراچي، حسن نور کي راوالپنڊي کان بدلي ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر لاهور، 17 هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جهانگير جاويد ميمڻ کي ملتان کان سکر ۽ واجد حسين کي نيب ڪراچي مان بدلي ڪري اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيب راوالپنڊي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.