سجاول جوڻيجو ( ن پ ا) فوڊ سيفٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر خليل رحمان ٻگھيو ٽيم سان گڏجي سجاول جوڻيجو شھر ۽ ڳوٺ عرضي ڀٽو سميت آس پاس جي علائقن ۾ 27 کان وڌيڪ دڪانن جو معائنو ڪيو، جتي ٽن دڪانن تي اجينو ملڻ تي 8000 هزار روپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي، جڏهن ته صفائي نه ڪرڻ تي 12 دڪانن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ڪارروائي دوران هوٽلن تي کير جي چڪاس ڪئي وئي، ھوڏانھن هوٽلن تي صفائي سٿرائي نه ھئڻ ۽ کائڻ وارو تيل توڙي ٻين شين جو غير معياري هجڻ تي وارننگ ڏني وئي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ فوڊ اٿارٽي جي عملدارن جو چوڻ هو ته ملاوٽ ڪندڙن خلاف سخت قدم کنيا پيا وڃن ۽ عوام کي صاف ۽ محفوظ خوراڪ جي فراهميءَ لاءِ ڪنھن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.