حيدرآباد:  شاگردياڻي مومنه ناريجو جي مبينا آپگهات واري معاملي تي  جوڙيل جاچ ڪميٽي اي ايس پي ڪينٽ علينه راڄپر جي سربراهي ۾ اسڪول پهچي شاهديون گڏ ڪيون آهن. اي ايس پي ڪينٽ علينه راڄپر ٻڌايو ته شاگردياڻي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ سي سي ٽي وي فٽيجز ڏسڻ سان بظاهر ته واقعو خودڪشي ٿو لڳي پر واقعي جا ڪهڙا ڪارڻ هئا ان جي هو جاچ ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته 12 کان 13 سالن جي عمر ۾ مومنه کي ڪهڙو ذهني دٻاءُ هو جو هن انتهائي قدم کنيو ۽ ان معاملي بابت هو مختلف ماڻهن سان ملي کانئن آڏي پڇا پيا ڪن. جنهن به ماڻهو شاگردياڻي سان ڳالهايو هن سمورن ماڻهن کان معلومات حاصل ڪئي ويندي. شاگردياڻي جي گرل وٽ بيهڻ دوران روڪڻ جي ڪوشش ڪندڙ استادن کي ايئن لڳو ته هوءَ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ لاءِ بيٺل آهي پر هن استادن کي ويجهو ايندي ڏسي پاڻ کي هيٺ اڇلايو ۽ روڪڻ جي ڪوشش دوران کيس پاتل جيڪيٽ به انهن جي هٿ ۾ اچي ويو ۽ شاگردياڻي هيٺ ڪري پئي. هن چيو ته ڄاڻايل اسڪول جي ڪلاس رومن ۽ واش رومز ۾ سي سي ٽي ڪئميرا ناهن لڳل. شاگردياڻي جي واقعي تي انتظاميا جي لاپرواهي جي حوالي سان به تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي ته جيئن معاملو وائکو ٿي سگهي. علينه راڄپر انڪشاف ڪيو ته جاچ دوران کين ڄاڻ ملي آهي ته شاگردياڻي جمع جي ڏينهن اسڪول مان غير حاضر هئي ان لاءِ اسڪول جو رجسٽر چيڪ ڪيو ويندو. واقعي جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا ان ڪري هو اها جاچ به ڪري رهيا آهن ته ٿي سگهي ٿو اسڪول ۾ ڪيتر هن کي چيڙائيندو هجي يا سندس رزلٽ سهي نه هو. گهريلو مسئلن جو شڪار هئي يا اسڪول ۾ ساڻس ناروا سلوڪ ٿيو پئي ان لاءِ هو معاملي جي هر رخ کان جاچ پيا ڪن. هن چيو ته اسڪول ۾ ٿيندڙ سرگرمين ۾ به مومنه حصو وٺندي هئي پر اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته هو هروڀرو ڪنهن سان ايترو نه ڳالهائيندي هئي.