ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميرٽ هوٽل ۾ کاڌي جي تيل جي فورٽي فڪيشن ۽ معيار کي يقيني بڻائڻ بابت سيڪٽر-وائيڊ تربيت وارو ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو،جنھن ۾ ملڪ جي مختلف حصن مان 45 ملز مالڪن شرڪت ڪئي ته جيئن کاڌي جي تيل جي فورٽي فڪيشن، معيار کي يقيني بڻائڻ، ضابطن جي پيروي ۽ انڊسٽري کي درپيش چئلينجن تي پنهنجو علم ۽ مهارت وڌائي سگهن. ورڪشاپ نيوٽريشن انٽرنيشنل، ٽيڪنو سَرو ۽ ملرز فار نيوٽريشن (M4N) جي گڏيل سهڪار سان ڪيو ويو. هن جو مقصد پاڪستان ۾ کاڌي جي تيل جي شعبي کي مائڪرو نيوٽرينٽس جي کوٽ جي خلاف پنهنجون صلاحيتون مضبوط ڪرڻ هو. ماهر ٽرينرز، انڊسٽري جي ماهرن ۽ ضابطن کي لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان پيش ڪيل معلوماتي سيشنز ۾ فورٽي فڪيشن جا طريقا، معيار جا معيار ۽ ٽيسٽنگ ميٿڊز تي زور ڏنو ويو. ورڪشاپ جي اهميت ۾ پاڪستان وناسپتي مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن (PVMA) جي چيئرمين عمر ريحان جو خطاب شامل هو، جيڪي هن تقريب جا خاص مهمان هئا. پنهنجي تقرير ۾ هن کاڌي جي تيل جي انڊسٽري کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي يقين دہاني ڪرائي ۽ نيوٽريشن انٽرنيشنل سان گڏجي انڊسٽري جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ عزم جو اظهار ڪيو. هن فورٽي فائيڊ کاڌي جي تيل جي اهميت تي روشني وڌي، جيڪا وٽامن اي ۽ ڊي جي کوٽ کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهي آهي ۽ ملرز کي M4N جهڙن منصوبن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي ترغيب ڏني. ڊاڪٽر عمر مختار تارڙ (پرنسپل سائنٽفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر، ڪراچي) ۽ پروفيسر ڊاڪٽر سيد غفران سعيد (فوڊ ڊپارٽمينٽ، جامعہ ڪراچي) پريزنٽيشنز پيش ڪيون ته جيئن شرڪت ڪندڙن جي ڄاڻ ۾ واڌارو ٿئي. شرڪت ڪندڙن کي M4N پليٽ فارم بابت پڻ آگاهي ڏني وئي، جيڪو هڪ تعاون وارو منصوبو آهي، جنهن جو مقصد انڊسٽري کي فني سهڪار فراهم ڪرڻ ۽ وڏي پيماني تي فورٽي فڪيشن حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽن کي حل ڪرڻ آهي. ملرز کي پليٽ فارم تي رجسٽريشن مڪمل ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي ته جيئن اهي تربيت جا موقعا، فني رهنمائي، ۽ ضابطن جي پيروي لاءِ وسيلن تائين رسائي حاصل ڪري سگهن. ورڪشاپ جي پڄاڻي معين قريشي (صوبائي پروگرام مئنيجر، نيوٽريشن انٽرنيشنل) جي شڪراني جي لفظن سان ٿي، جنهن کان پوءِ شرڪت ڪندڙن کي سندون ڏنيون ويون.