تهران (م ڊ) آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر ايران کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته تهران فوري معاهدو ڪري يا نتيجن لاءِ تيار رهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليوت پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته ايران کي معاهدي لاءِ تفصيلي دستاويز پيش ڪري چڪا آهيون، آمريڪي صدر روس يوڪرين جي حوالي سان پراميد آهي يوڪرين روس تي حملن کان اڳ آگاهه نه ڪيو. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته صدر ٽرمپ ۽ چين وچ ۾ سٺا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن