اسلام آباد: صدرعارف علوي چيو آهي ته فوج ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين وچ ۾ ٺاهه ۾ ناڪامي جا کوڙ ڪارڻ هئا
پي ٽي آءِ چيئرمين جي چونڊن ۾ شموليت جو فيصلو عدالت ۾ آهي، اِن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته 8 فيبروري تي ئي عام چونڊون ٿينديون
امريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ صدر چيو ته عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي آهي
هن چيو ته عدليه، انتظاميا ۽ سياسي اڳواڻ وقت سر چونڊن تي متفق آهن، نواز شريف وزيراعظم چونڊيو ته حلف جي گهرج پوري ڪندس، سياستدان، اسٽيبلشمينٽ ۽ انتظاميا گڏجي ڪم ڪن ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا