لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوج ۽ سياسي مخالف چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ چاهين ٿا، گرفتاري يا قتل ڪوشش تي امڪاني سخت ردعمل کان خوفزده آهيان، پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته هڪ ڪاميٽي جوڙي آهي، جيڪا منهنجي جيل وڃڻ جي صورت ۾ پارٽي جي قيادت ڪندي، فيصلا ڪندي. هن چيو ته منهنجي خلاف 94 ڪيس آهن ۽ زندگي کي اڳ کان وڌيڪ خطرا آهن، سياسي مخالف ۽ فوج مونکي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ چاهي ٿي، ان حوالي سان فوج ۽ حڪومت سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هنن اڃا تائين ڪوبه ردعمل ظاهر ناهي ڪيو، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هاڻ مونکي گرفتار ڪرڻ جو ڪوبه جواز ناهي، ڇاڪاڻ سمورن ڪيسن ۾ ضمانت حاصل ڪري چڪو آهيان، (جيڪڏهن عمران خان تي فرد جرم لاڳو ٿي ويو ته هو هلندڙ سال نومبر ۾ رٿيل عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل ٿي سگهي ٿو) ان بابت عمران خان چيو ته هن وقت اسٽيبلشمينٽ مون کان ڊنل محسوس ٿي رهي آهي ۽ اهو ئي سڀ کان وڏو مسئلو آهي، منهنجي زندگي کي به اڳ کان وڌيڪ خطرو آهي، جيڪڏهن مونکي گرفتار يا قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ردعمل کان خوفزده آهيان، مونکي لڳي ٿو ته سخت ردعمل ايندو ۽ اهو پوري پاڪستان مان ايندو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو سڀ ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿا، اهي صورتحال سمجهڻ کان قاصر آهن، بدقسمتي سان جيڪي ماڻهو مونکي گرفتار يا قتل ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن، بدقسمتي سان اهي نه ٿا سمجهن ته پاڪستان هن وقت ڪٿي بيٺل آهي؟. ان کان اڳ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پنجاب پوليس زمان پارڪ ۾ منهنجي گهر تي حملو ڪيو، جتي اڪيلي بشريٰ بيگم هئي، هي ڪهڙي قانون تحت آپريشن ٿي رهيو آهي، مون کي گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، هي لنڊن پلان جو حصو آهي، نوازشريف جو مطالبو آهي ته مونکي جيل ۾ وڌو وڃي ته جيئن اليڪشن ۾ حصو نه وٺي سگهان، عمران خان چيو ته آئون قانون جي حڪمراني تي يقين رکان ٿو، اهو واضح ٿي چڪو ته لاهور ۾ ڪيل گهيري جو مقصد هڪ ڪيس ۾ مون کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ نه پر مون کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهڻ هو ته جيئن مان پنهنجي چونڊ مهم نه هلائي سگهان.