ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سٽي ڪورٽ ۾ پيپلز لائرز فورم پاران پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 36 وهين سالگره جي تقريب منعقد ڪئي وئي, تقريب ۾ گورنر خيبر پختونخواه فيصل ڪريم ڪنڊي مهمان خاص طور شرڪت ڪئي, ان موقعي تي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر ڪي پي ڪي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي جي عوام طرفان بلاول ڀٽو کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪريان ٿو، هن  چيو ته سياسي ڪارڪنن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ آئيني عدالت بابت معاهدو ٿيل هو پارليامينٽ جو مدو پورو ٿي ويندو آهي پر ٽربيونلز جون ڪارروائيون مڪمل ناهن ٿينديون. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ جي رڪارڊ ۾ لکيو وڃي،  ڪوئيٽا ۾ 50 هزار جعلي ووٽن جي نشاندهي ڪئي وئي،خيبرپختونخواه دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي آهي، خيبرپختونخواهه کي پرامن صوبو بڻايو هو، هن چيو ته پرامن صوبو پي ٽي آءِ حوالي ڪيو هو، اڄ اتي بدامني ٿي وئي آهي، ڪو به ماڻهو محفوظ ناهي، ڪي پي ۾ امن بحال ڪرائڻ صوبائي حڪومت جو ڪم آهي، فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته گورنر راڄ آئيني اختيار آهي، مان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي چوان ٿو ته نچڻ وارا گهوڙا ميدان ۾ نه ايندا آهن.گورنر هائوس ۾ هڪ چڙيا گهر آهي ۽ ٻه پنڃرا خالي آهن،گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جيڪڏهن فوج اسان جي صوبي مان نڪري وڃي ٿي ته صوبائي حڪومت امن قائم نه ٿي ڪري سگهي، پوليس کي فوج ۽ رياست خلاف لڳايو پيو وڃي، اسان پنهنجي صوبي کي افغانستان جو حصو ٿيڻ نه ڏينداسين، صوبو ڪنهن ٻئي ملڪ سان نٿو ڳالهائي سگهي، رياست رياست سان ڳالهائيندي آهي، سرينا جي چانهه جي ڪپ ملڪ کي نقصان پهچايو آهي, تقريب ۾  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو, ان موقعي تي پيپلز لائرز فورم جي صدر قاضي بشير، جنرل سيڪريٽري اعجاز سومرو، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ سميت وڪيل برادري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.