اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پاڪستان چيو آهي ته غزا جي موجودا صورتحال ۾ پاڪستان فوري طور تي غزا ۾ فوج موڪلڻ جو ڪو به ارادو ناهي، اقوام متحدا سلامتي ڪائونسل جي غزا تي بحث سان مايوسي ٿي آهي. پاڪستان موجود غير قانوني عير ملڪين کي ملڪ بدري ۾ انساني حقن جو خيال رکيو  ويندو، ڀارت ٽڪيٽ خريد ڪندڙ ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ آءِ سي سي  رجسٽرڊ صحافين کي ويزا جاري ڪري. صحافين کي بريفنگ ڏيڻ دوران ترجمان دفتر خارجه ممتاز زهرا بلوچ چيو ته  اقوام متحدا سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ته اسرائيلي بمباري ۽ ظلم، بربريت فوري طور تي بند ڪرائي. عالمي برادري اسرائيل جي فوري جنگ بندي کي يقيني بڻائي عزا جو گهيرو ختم ڪرائي. ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي حوالي سان درجمان دفتر خارجه ممتاز زهرا جو چوڻ هو ته ميزبان ملڪ هئڻ جي ناطي پاڪستان سميت عالمي ڪپ ۾ شريڪ ٽيمن کي سازگار ماحول ۽ تحفظ جي فراهمي ڀارت جي ذميواري آهي. پاڪستانين کي ويزا جاري ڪرڻ لاءِ ڀارت کي سان مسلسل رابطي ۾ آهيون، ڀارت ٽڪيٽ خريد ڪندڙ ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ آءِ سي سي وٽ رجسٽرڊ صحافين کي فوري طور تي ويزا جاري ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گذريل سال 29 ڊسمبر تي هيٿرو ايئرپورٽ تي تابڪار مواد تي مبني پيڪيٽ پڪڙيو ويو البته جاچ ۾ ثابت ٿيو ته پيڪيٽ ۾ تابڪار ذرات جي مقدار انساني جان يا دهشتگردي جي لاءِ قابل استعمال نه هئا. برطانوي ۽ ڀارتي ميڊيا پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا.