اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ ڪئي. وڪيل عابد بيري دليل ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل پاران ڏنل لکت ۾ خاطريون ڪرايون ويون هيون ان جا نمبر به فيصلي ۾ شامل ڪيا ويا آهن. اڳوڻي فوجي آفيسر ايف بي علي جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو 1965 جي جنگ جو هيرو هيو. پر رٽائرڊمينٽ بعد ان تي پنهنجي عهدي جي اثر رسوخ استعمال جو الزام لڳو. هڪ رٽائرڊ شخص پنهنجو عهدو ڪيئن استعمال ڪري سگهي ٿو؟ ميجر جنرل ضياءَ الحق ايف بي علي جو ملٽري ٽرائل ڪيو البته جنرل ضياءَ الحق 1978 ۾ ان کي آزاد ڪري ڇڏيو. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته جيڪو ڪم ايف بي علي ڪرڻ چاهي پيو. اهو ئي ضياءَ الحق ڪري ورتو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ ملٽري ٽرائل جو مڪمل پروسيجر ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ بنيادي حقنن کي تحفظ به فراهم ڪيو ويو آهي. پر ان تي عمل نه ٿئي ته الڳ ڳالهه آهي. ملٽري ڪورٽ جي خلاف ٻه اعتراض سامهون ايندا آهن پهريون اعتراض ملٽري ٽرائل غير جانبدار ناهي هوندو جڏهن ته ٻيو اعتراض ملٽري ڪورٽ ۾ قانوني تجربي جي کوٽ هوندي آهي. وڪيل عابد زبيري موقف اختيار ڪيو ته ملٽري ڪورٽ ايگزيڪيٽوَ جو حصو آهي. فوج جو ڪم سرحدن جي حفاظت ڪرڻ آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته فوج جو بنيادي ڪم ملڪ جو دفاع آهي. جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته ڇا ملٽري ڪورٽ کي عدليه تسليم ڪري سگهجي ٿو؟ جيڪڏهن ائين ڪيو وڃي ته ان جا نتيجا ڪجهه ٻيا هوندا. جسٽس منيب اختر پنهنجي فيصلي ۾ ملٽري ڪورٽ کي عدليه جو حصو نه لکيو هيو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اڄ تائين ڪيترائي فيصلا ٿيا آهن، پر ڪنهن به ملٽري ڪورٽس تي مڪمل وضاحت ناهي ڏني وئي. آرٽيڪل 10 اي جي موجودگيءَ ۾ ملٽري ٽرائل نٿو ٿي سگهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سيڪشن 2 ڊي ۾ ملٽري ڪورٽ جو ذڪر ناهي. پر لکيو ويو آهي ته ڏوهه تي ٽرائل ٿيندو. پر اهو واصع ناهي ته ٽرائل جو فورم ڪهڙو هوندو. وڪيل عابد زبيري ٻڌايو ته ملٽري ملڪيتن تي حملن جي معاملي تي ترميم ڪري ان کي ملٽري ٽرائل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏنا ته اهي حملا هاڻي به ٿي رهيا آهن، ۽ گذريل ڏينهن بنون ڪينٽ ۾ حملو ٿيو. جسٽس مسرت هلالي چيو ته بنو دهشتگردي واقعي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ماڻهو فوت ٿيا. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن شاهديون موجود آهن ته دهشتگردي عدالتون به سزا ڏئي سگهن ٿيون. وڪيل عابد زبيري دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته عدالت پهريان ئي قرار ڏئي چڪي آهي ته سول نوعيت جي ڏوهن تي سويلينز جو ڪورٽ مارشل نٿو ٿي سگهي. فوجي عدالتون آئين جي تحت ٺاهيون ويون، عدالتي نظام جو حصو ناهن. ۽ ان ۾ ٽرائل صرف ان سويلين ماڻهن جو ٿي سگهي ٿو جيڪي فوج جو باقائده حصو هجن. آئين جي آرٽيڪل 10 اي ۽ آرٽيڪل 4 جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن سويلين جو ڪورٽ مارشل ممڪن ناهي. وڪيل عابد زبيري دليل مڪمل ڪري ورتا. اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ بار جو وڪيل حامد خان دليل شروع ڪندو. ڪيس جي ٻڌڻي اڄ خميس ڏينهن تائين ملتوي ڪئي وئي.