حيدرآباد دکن (م ڊ) ڀارتي حڪومت جي فوج ۾ ڀرتين واري نئين پاليسي خلاف پرتشدد احتجاج جو دائرو وڌي ويو آهي  ۽ نقصان ۾ به اضافو ٿيو آهي. هيستائين 7 ريل گاڏين کي ساڙيو ويو آهي. ڀارت جي رياست بهار ۽ اتر پرديش بعد حيدرآباد دکن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. سڪندرآباد ريلوي اسٽيشن تي 7 ريل گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي.