راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ خصوصي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ 9 مئي تي ڀڃ ڊاهه ۽ فوجي ملڪيتن تي حملن واري واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائل جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ خصوصي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن مادر وطن جي دفاع ۾ شهيد ٿيندڙن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي فورم اندروني ۽ بيروني سيڪيورٽي وصورتحال ۽ ڪجھه ڏينهن ۾ سياسي مقصدن لاءِ پيدا ڪيل امن امان جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو، جڏهن ته فورم کي شهيدن جي تصويرن ۽ يادگارن جي بيحرمتي ۽ ڀڃ ڊاهه جي منصوبي تي به بريفنگ ڏني وئي.  آءِ ايس پي آر موجب فورم هلندڙ سياسي عدم استحڪام کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن وچ م اتفاق راءِ ۽ عوامي اعتماد جي بحالي لاءِ قومي اتفاق راءِ تي زور ڏنو.  آءِ ايس پي آر موجب پروپيگنڊا جو مقصد هٿياربند فوجن ۽ عوام وچ ۾ ۽ هٿياربند فوج جي رينڪ ۽ فائل ۾ ڏار وجهڻ آهي، دشمن قوتن جي اهڙي ڪڌي پروپيگنڊا کي پاڪستاني عوام جي حمايت سان شڪست ڏني ويندي ۽ پاڪستاني عوام هر مشڪل م هميشه هٿياربند فوجن سان گڏ بيٺل آهي. آءِ ايس پي آر چيو ته فورم جمهوري عمل مضبوط بڻائڻ لاءِ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث ماڻهن خلاف آرمي ايڪٽ تحت به ڪيس داخل ڪري سگهجن ٿا. فوجي ملڪيتن تي ڀڃ ڊاهه تي ٻڌل منصوبي تحت اداري کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته فورم کي بريفنگ ڏني وئي ته منصوبو اداري کي رد عمل ڏيڻ تي ڀڙڪائڻ لاءِ انجام ڏنو ويو.  ڪورڪمانڊر ڪانفرنس فوجي ملڪيتن، سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن خلاف سياسي عمل ۽ ڀڙڪائڻ جي واقعن جي سختي سان مذمت ڪئي ۽ ڪمانڊرز افسوس جوڳن واقعن تي فوج جي رينڪ ۽ فائل جي ڪاوڙ ۽ جذبن جو به اظهار ڪيو.  آءِ ايس پي آر چيو ته فوج حملو ڪندڙن، انهن کي ڀڙڪائيندڙن، سند همت افزائي ڪندڙن ۽ ڏوهارين کان چڱي ريت واقف آهي، انهن ڪڌن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي پاڪستان جي لاڳاپيل قانون تحت ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، مجرمن کي پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ تحت ٽرائل ذريعي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب ڪنهن به ايجنڊا تحت فوجي ملڪيتن ۽ جاين تي حملو ڪندڙن سان ڪا رعايت نه ڪنداسين.  ڪورڪمانڊر ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن پرڏيهي اسپانسر ٿيل ۽ اندروني سهولتڪار عنصرن جي منظم پروپيگنڊا تي به سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شرمناڪ پروپيگنڊا جو مقصد هٿياربند فوجن ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ آهي، شرمناڪ پروپيگنڊا جو مقصد هٿياربند فوجن جي رينڪ اينڊ فائل وچ ۾ ڏار وجھڻ آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج پاڪستاني عوام جي ڀرپور حمايت سان پاڪستان جي دشمنن جي اهڙن سمورن ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻائيندي، اتفاق  راءِ جي ضرورت آهي ته عوام جي اعتماد، معاشي ترقي ۽ جمهوري نظام کي هٿي ڏني وڃي. فورم سوشل ميڊيا جي قاعدن ۽ ضابطن تي سختي سان عملدرآمد جي ضرورت تي به ضور ڏنو ۽ ڀڃ ڪڙي ڪندڙن کي سخت سزائون ڏيارڻ لءِ ڳاپيل عمل درآمد جي به ضرورت تي زور ڏنو.