اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وفاقي سرڪار، بلوچستان ۽ ڪي پي جي نگران حڪومتن به فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل روڪڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو، وفاقي حڪومت پاران اٽارني جنرل ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪرائي وئي، فوجي عدالتن ۾ سولينز خلاف ٽرائل روڪڻ وارو 23 آڪٽوبر وارو سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڪالعدم قرار ڏنل شقن کي به بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فيصلو ڏيندڙ 5 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر تحت نه هئي، بينچ جو قيام قانون موجب نه هئڻ سبب ان جو فيصلو به اڻ اثرائتو آهي، جن درخواستن تي فيصلو ڏنو ويو اهي ٻڌڻ جوڳيون نه هيون، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت واضح ٿي ڪري ته 9 مئي جي واقعن ۾ قيد سمورن ماڻهن جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل نه ٿا چاهيون، ملٽري ٽرائل رڳو انهن ماڻهن جو ٿيندو جن تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جون شقون لڳايون ويون آهن، فوجي عدالتون رڳو 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن لاءِ خصوصي طور نه ٺاهيون ويون آهن، فوجي عدالتون انهن ماڻهن جو ٽرائل ڪنديون جيڪي فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچائڻ ۾ ملوث هئا، اپيل ۾ چيو ويو ته آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جون شقون ڪالعدم ٿيڻ سان ملڪ کي ازالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان ٿيندو، وزارت قانون موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو حقيقتن جي ابتڙ آهي، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جي حڪومتن ۽ دفاع واري وزارت پاران به اپليون داخل ڪرايون ويون، گذريل ڏينهن سنڌ جي نگران سرڪار ۽ شهداء فورم بلوچستان پاران به اپيلون داخل ڪرايون ويون هيون.