اسلام آباد: پاڪ فوج جي ترجمان ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي گڏيل پريس ڪانفرنس تي تبصرو ڪندي اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ پاڻ پريس ڪانفرنس ڪري غلطي ڪئي
سندس چوڻ هو ته اها پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ وفاقي وزير موجود هئا ۽ اها پريس ڪانفرنس سياسي قيادت کي ڪرڻ گهرجي ها
هڪ سوال جي جواب ۾ اسد عمر چيو ته بند ڪمرن جي اجلاسن ۾ گهڻو ڪجهه چيو ويندو آهي ان ڪري خاص معلومات جاري ڪرڻ مناسب ناهي، سندس چوڻ هو ته عمران خان خاص پس منظر ۾ آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه ڪئي ته جيڪڏهن اها (حڪومت) توهان کي واڌ ڏيڻ چاهي ٿي ته ڏينداسين پر ملڪ ۾ جاري عدم استحڪام کي ختم ڪرڻ گهرجي
پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر به آءِ ايس آءِ چيف ميجر جنرل نديم انجم ۽ پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو ته عمران خان جي فوجي قيادت سان ٿيل ملاقاتن ۾ ڪوبه غير آئيني مطالبو ناهي ڪيو ويو
اسد عمر چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته فوج جو سياسي نظام تي اثر رکي ٿي، چوڻ ته اوهان جو اثر آهي، جيڪڏهن اوهان اهو اثر استعمال ڪيو ته اوهان ان سان متفق آهيو يا نه، اهو ڪو غير آئيني مطالبو ناهي
ھي به پڙھندا
اسان کان غلطي ٿي سگھي ٿي، پر غدار ۽ سازشي نٿا ٿي سگھون: ڊي جي آءِ ايس پي آر