پشاور(م ڊ) اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته ملٽري ڪورٽ ۾ دهشتگردن جون سزائون ٿيڻ گهرجن پر سياستدان ڪڏهن کان دهشتگرد بڻجي ويا آهن جو ملٽري ٽرائل ٿي رهيو آهي؟ پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ عارف علوي نه، سڄي دنيا ملٽري ڪورٽ جي خلاف آهي، ڳالهيون انهن سان ڪامياب ٿينديون، جيڪي ملڪ جا فيصلا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪنهن به قسم جا اختلاف ناهن، سڀني کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت کي ڪنهن ڪيرايو، بي اعتمادي رٿ آڻڻ ۾ ڪنهن جو ڪردار هو، پي ٽي آءِ باني جي آزادي بابت پارٽي چيئرمين کي مشورو ڏيندس، اڳوڻي صدر راهداري ضمانت لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 7 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، عدالتن ۾ پيش ٿيڻ چاهيان ٿو پر گرفتاريءَ جو خدشو آهي، راهداري ضمانت ڏني وڃي.