اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائلز بابت فيصلي خلاف هڪ ٻي نظرثاني درخواست سپريم ڪورٽ ۾د اخل ڪئي وئي آهي. خانگي ٽي وي چينل موجب جنيد رزاق نالي شهري پاران وڪيل سلمان اڪرم راجا درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 7 مئي 2025ع جو اڪثريتي فيصلو آئين جي فراهم ڪيل بنيادي انساني حقن جي خلاف آهي. اڪثريتي فيصلي ۾ سولينز جا فوجي عدلاتن ۾ ٽرائل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي جيڪا آئين جي آرٽيڪل 10 اَي جي ڀڃڪڙي آهي. آئيني بينچ ماضي جي عدالتي فيصلن تي غلط انحصار ڪندي فيصلو ٻڌايو. فيصلي ۾ ڌرين اٽارني جنرل جي بيان ڪيل 9 مئي واقعن جي ترديد ناهي ڪئي، جڏهن ته جوادبارن جو 9 مئي تي ان قسم جي واقعن ۾ ملڳث هجڻ ثابت ئي ناهي ٿيو، هر جوابدار جي ڪيس جو فيصلو هڪ آزاد عدالت ثبوتن جي بنياد تي ڪندي. درخواست گذار موجب فيصلي 9 مئي واقعن بابت پيراگراف حضف ڪئي وڃي ۽ 7 مئي 2025ع جي آئيني بينچ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 7 مئي تي سولينز جي ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائيل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي آرمي ايڪٽ کي ان جي اصل شڪل ۾بحال ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته فوجي عدالتن جي فيصلي خلاف اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ معاملو حڪومت کي اماڻيو ويو هو.