سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل روڪڻ بابت درخواست خارج ڪري ڇڏي، اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجه تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو، جسٽس جمال مندو خيل چيو ته سپريم ڪورٽ آئيني ترميم تحت ڪم ڪري رهي آهي، جيڪا به بينچ ٺهي رهي آهي، نئين ترميم تحت ئي ٺهي رهي آهي، آئيني ترميم جو ڪيس به ترميم تحت جوڙيل بينچ ئي هلائيندي، آئيني عدالت 26 هين ترميم جي فيصلي تائين فوجي عدالتن جي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست خارج ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو، آئيني عدالت اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان جواد ايس خواجه تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لڳايو، جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي، اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجه سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ۽ سينيئر قانوندان اعتزاز احسن 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جو فيصلو ٿيڻ تائين ٻڌڻي نه ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي هئي، عدالت جواد ايس خواجه جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان آئيني بينچ کي مڃو ٿا، وڪيل چيو ته آئيني بينچ جي دائري اختيار کي نه ٿا مڃون، جسٽس جمال مندو خيل اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجه جي وڪيل کي چيو ته پوءِ اوهان عدالتي ڪمرو ڇڏي وڃو، وڪيل چيو ته موجوده آئيني بينچ جڊيشل ڪميشن نامزد ڪئي آهي، آئيني بينچ حفيظ الله نيازي کي روسٽرم تي گهرائي پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان ڪيس هلائڻ چاهيو ٿا ؟ حفيظ الله نيازي چيو ته هيءَ ڪيس هلائڻ چاهيان ٿو، جسٽس مسرت هلالي چيو ته جيڪي ماڻهو جيلن ۾ پيا آهن بابت سوچو، اوهان جو ته ان ڪيس ۾ حقِ دعويٰ نه ٿو ٺهي.