اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن کي 85 جوابدارن جا فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي. آئيني بينچ قرار ڏنو آهي ته فوجي عدالتن جو فيصلي سپريم ڪورٽ ۾ زير التوا ڪيس جي فيصلي سان مشروط هوندا. سپريم ڪورٽ جي فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل جي ڪيس جي ٻڌڻي سپريم جي آئيني بينچ ڪئي، ڪالهه عدالت فوجي عدالتن کان سواءِ ٻين سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان چيو ته صرف فوجي عدالتن وارو ڪيس ئي ٻڌو ويندو. ٻڌڻي جي شروعات ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته پهريان ان نقطي تي دليل ڏيو ته آرمي ايڪٽ جا ڪالعدم قلم آئين مطابق آهن. ڇا آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري هر شخص کي ان جي ذمري ۾ آڻي سگهجي ٿو؟ جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته پهريان ٻڌايو عدالتي فيصلي ۾ قلمن کي ڪالعدم ڪرڻ جا ڪارڻ ڇا آهن؟ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ان رخ کي به نظر ۾ رکو ته آرمي ايڪٽ 1973ع جي آئين کان پهريان ٺهيو هيو؟ وزارت دفاع جي وڪيل خوارجه حارث دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ خرابيون آهن، جنهن تي جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته عدالتي فيصلي جي ايتري بي توقيري ته نه ڪريو ته ان کي خراب چئو. جنهن تي خواجه حارث جواب ڏنو ته معذرت خواهه آهيا منهنجا لفظ قانوني نوعيت جا نه هئا. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڪالهه به چيو هيو ته 9 مئي جي واقعن جا تفصيل فراهم ڪريو. في الحال ته اوهان جي سامهون صرف ڪور ڪمانڊ هائوس جو ئي آهي. جيڪڏهن ڪيس صرف ڪور ڪمانڊر هائوس تائين رکڻو آهي ته اهو به ٻڌايو. ايڊشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سمورا تفصيل صبح ئي موصول ٿيا آهن. تفصيل باضابطه طور تي مختلف درخواستن ۾ جمع ڪرائيندس. جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته جن شقن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي ان تحت ٿيندڙ ٽرائل ڇا ٿيندو؟ 9 مئي کان پهريان به ته ڪنهن کي ان قلمن تحت سزا ڏني وئي هوندي. خواجه حارث چيو ته عام طور تي ڪالعدم ٿيڻ کان اڳ قلمن تي ٿيندڙ فصلن کي تحفظ هوندو آهي. جنهن تي جسٽس مسرت هلالي چيو ته هي ته انهن جوابدارن سان تعصب واري ڳالهه هوندي. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته آرمي ۾ ڪو شخص زبردستي نه پر پنهنجي مرضي سان ويندو آهي، آرمي جوائن ڪرڻ وارن کي علم هوندو آهي ته ان تي آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو. آرمي ايڪٽ تحت بنيادي حق ميسر ناهن هوندا. آرمي ايڪٽ ٺاهيو ئي فوجي جي ملازمت جي قائدن ۽ ڊسيپلين لاءِ آهي. وڪيل وزارت دفاع چيو ته فوج ۾ ڪو به ڪم جرم جي نيت سان ناهي ڪيو ويندو. بنيادي حق جرم ڪرڻ تي ئي ختم ٿيندا آهن. جسٽس جمال خان مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا اپيل ۾ عدالت صرف اپيل ڪندڙن جي استدعا تائين ئي محدود رهندي. ؟ ڇا عدالت فيصلي جي ٻين رخن جو به جائزو وٺي سگهي ٿي. جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏنا ته ڌريون پنهنجي معروضات تائين محدود رهي سگهن ٿيون. عدالت نه. جنهن بعد سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن کي 85 جوابدارن جا فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت قرار ڏنو ته فوجي عدالتن جا فيصلا سپريم ڪورٽ جي زير التوا ڪيسن جي فيصلي سان مشروط هوندا. آئيني بينچ چيو ته جن جوابدارن کي سزائن ۾ رعايت ملي سگهي ٿي انهن کي رعايت ڏئي آزاد ڪيو وڃي. جن جوابدارن کي آزاد نٿو ڪري سگهجي انهن کي سزا ٻڌائي جيلن ۾ منتقل ڪيو وڃي. جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏنا ته سويلين فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جو ڪيس اميد آهي جنوري ۾ مڪمل ٿي ويندو. هن ڪيس کي مڪمل ٿيڻ تي جنوري کان ٻئي هفتي ۾ 26 هين آئيني ترميم جي خلاف درخواستون مقرر ڪنداسين. اسان وٽ 26 هين آئيني ترميم سميت ڪافي ڪيس پائيپ لائين ۾ آهن. جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سياري جي موڪلن تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جڏهن ته فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي جو لکت وارو حڪم به عدالت پاران جاري ڪيو ويو ، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فوجي عدالتن ۾ 85 ماڻهن خلاف ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو وڃي، سزا ۾ گهٽتائي کانپوءِ جيڪي ماڻهو آزاد ٿي سگهن ٿا، انهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، جن ماڻهن کي باقي سزا ڀوڳڻي آهي انهن کي لاڳاپيل جيل اختيارين جي حوالي ڪيو وڃي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته انهن کي جيل جي قانون تحت رکيو ويندو. فيصلي جو اعلان انهن اپيلن جي حتمي فيصلي سان مشروط هوندو ۽ انهن 85 ماڻهن جا حق متاثر نه ٿيندا. بينچ جي دستيابي تي سياري جي موڪلن کانپوءِ ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي ڪئي ويندي. ٻڌڻي دوران بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث جا دليل جاري آهن، حڪم نامي ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جي 13 ڊسمبر 2023ع واري فيصلي ۾ فوجي عدالتن کي حتمي فيصلو ڏيڻ کان روڪيو ويو، ڌرين سپريم ڪورٽ جي 13 ڊسمبر 2023ع واري حڪم کي تبديل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي 13 ڊسمبر 2023ع واري حڪم نامي ۾ تبديلي ڪئي پئي وڃي.