اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلين ٽرائل ڪيس جي ٻڌڻي، اعتزاز احسن ۽ سلمان اڪرم راجه وچ ۾ بحث. اعزاز احسن جو سلمان اڪرم راجه جي جسٽس منيب اختر جي فيصلي کان اختلاف ڪرڻ واري دليل کان لاتعلقي جو اظهار، سلمان اڪرم راجه چيو ته پنهنجي دليل تي قائم آهيان. لطيف کوسه دليل ڏنا ته 1967 ۾ آندل سيڪشن 2 ڊي پاڪستان جي ٽٽڻ جو ڪارڻ بڻيو ۽ ملڪ جي ادارن جي خلاف نفرت پيدا ٿي. عدالت سوال ڪيو ته آئين ۾ قانون سازي تي ڪا منع ته ناهي؟ لطيف کوسه جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد باني تحريڪ انصاف جي وڪيل عزيز ڀنڊاري جا دليل جاري. ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي. سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن جي ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات اعتزاز احسن جي وڪيل لطيف کوسه کان ٿي. لطيف کوسه چيو ته پوري قوم جون نظرون هن ڪيس تي آهن. لطيف کوسه ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيو ته فوجي عدالتن جي قيام بعد سپريم ڪورٽ انڊر ٽرائل آهي. البته جسٽس امين الدين خان ان ريمارڪس جو جواب ڏيندي چيو ته عدالت آئين ۽ قانون مطابق فيصلا ڪندي. ٻڌڻي ۾ اعتزاز احسن سلمان اڪرم راجه جي گذريل ڏينهن جي دليل تي اعتراض اُٿاريندي چيو ته سلمان اڪرم راجه جسٽس منيب اختر جي فيصلي کان اختلاف ڪيو هو. پر هو اِن سان مڪمل طور تي اتفاق ڪري ٿو. جسٽس محمد علي مظهر وضاحت ڏيندي چيو ته اعتزاز احسن جو اعتراض صرف آرٽيڪل 63 اي واري فيصلي تي هيو. سلمان اڪرم راجه جواب ڏيندي چيوته هو پنهنجي دليل تي قائم آهي.. لطيف کوسه دليل ڏيندي چيو ته فوجي عدالتن جو قيام ۽ سيڪشن ٽو ڊي کي تاريخ جي نظر ۾ ڏسڻو پوندو. 1967 ۾ آندل سيڪشن ٽو ڊي پاڪستان ٽٽڻ جو ڪارڻ بڻيو ۽ ملڪ جي ادارن جي خلاف نفرت پيدا ٿي. عدالت سوال ڪيو ته آئين ۾ قانون سازي تي ڪو منع ته ناهي؟ جسٽس امين الدين خان چيو ته اوهان وفاقي وزير ۽ سينيٽر رهي چڪا آهيون ته اوهان سيڪشن ٽو ڊي جي خاتمي لاءِ ڪڏهن قدم کنيا؟ لطيف کوسه فوجي عدالتن جي شفافيت تي سوال اُٿاريندي چيو ته انهن عدالتن ۾ ججز ۽ ٽرائل آزاد ناهن هوندا. جسٽس مسرت هلالي جواب ڏنو ته جيڪڏهن پروسيجر فالو ناهي ٿيندو ته اهو هڪ الڳ مسئلو آهي. ۽ ان تي ڳالهايو ويندو. لطيف کوسه چيو ته فوجي عدالتن جو وجود اسلامي تعليمات جي ابتڙ آهي ۽ ان ۾ ٽرائل ڳجهو ٿيندو آهي. جيڪو آئيني اصولن خلاف آهي. لطيف کوسه عالمي عدالت انصاف (آءِ سي جي) جي رپورٽ جو حوالي سان اپيل جي حق جي ڳالهه ڪئي. لطيف کوسه جڏهن پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو ڪر ڪيو ته جسٽس جمال مندوخيل اُن کي پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. ۽ چيو ته اهو هن وقت تائين سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. اعتزاز احسن جي وڪيل لطيف کوسه جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد باني تحريڪ انصاف جي وڪيل عزيز ڀنڊاري دليل شروع ڪندي چيو ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جي فيصلي کي هو مڪمل طور تي سپورٽ ڪري ٿو. عزيز ڀنڊاري وضاحت ڪئي ته فوجي ايگزيڪيٽوَ جو حصو آهي ۽ عدالتي اختيار ان وٽ ناهن. ان مطابق فوج آئين جي آرٽيڪل 245 جي تحت پنهنجي اختيارن جي دائر ۾ رهي ڪارروائي ڪندي آهي. عزيز ڀنڊاري انٽرا ڪورٽ اپيلن ۽ نظرثاني جي دائري اختيار تي ڳالهائيندي چيو ته ان ۾ ڪو فرق ناهي. جسٽس امين الدين خان چيو ته اوهان اسان جي اختيار کي محدود ڪري رهيا آهيو. پر عزيز ڀنڊاري جواب ڏنو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس ۾ عدالت ان جي ڳالهه مڃي هجي ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته آئيني بينچ اپيلن جي دائري اختيار تي به فيصلو ڏيندو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ خميس ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.