اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز ٽرائل ڪيس جي ٻڌڻي. جسٽس جمال مندوخيل آرٽيڪل 175 جو حوالو ڏيندي سوال اُٿاريو ته ڇا فوجي عدالتن کي عدالت چئي سگهجي ٿو يا نه. جنهن تي خواجه حارث چيو ته محرم علي ۽ لياقت حسين ڪيسن ۾ واضع طور تي چيو ويو هيو ته ڪورٽ مارشل آرٽيڪل 175 تحت ناهي ايندو. خواجه حارث وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت کي آرٽيڪل 142 تحت قانونسازي جو اختيار حاصل آهي ۽ انهيءَ اختيار تحت فوجي عدالتن متعلق قانون ٺاهيو ويو. عدالت خواجه حارث کي اڄ دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز ٽرائل متعلق ڪيس جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ  ٻڌڻي ڪئي. وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث موقف اختيار ڪيو ته فوجي عدالتن ۾ منصفانه ٽرائل يقيني بڻايو ويندو آهي. هي عدالتون قانون تحت قائم ڪيون ويون آهن ۽لياقت حسين ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پهريان ئي واضع ڪري چڪي آهي ته سويلن جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ ٿي سگهي ٿو، فوجي عدالتن جو طريقيڪار ۽ فيئر ٽرائل ٻئي موجود آهن ۽ڪيس ٻڌڻ وارا آفيسر باقائده حلف کڻندا آهن. جسٽس جمال مندوخيل آرٽيڪل 175 جو حوالو ڏيندي سوال اُٿاريو ته ڇا فوجي عدالتن کي عدالت چئي سگهجي ٿو يا نه؟ جنهن تي خواجه حارث چيو ته محرم علي ۽لياقت حسين ڪيسن ۾ واضع طور تي چيو ويو آهي ته ڪورٽ مارشل آرٽيڪل 175 تحت ناهي ايندو. خواجه حارث وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت کي آرٽيڪل 142 تحت قانونسازي جو اختيار حاصل آهي. ۽ ان ئي اختيار تحت فوجي عدالتن متعلق قانون ٺاهيو ويو. جڏهن ته هي اختيار 1956 ۽ 1962 جي آئين ۾ به موجود هيو آرٽيڪل 175 ۽ 1973 جو آئين لاڳو نه ٿيو هيو. جسٽس جمال مندوخيل فيئر ٽرائل تي سوال اُٿاريندي چيو ته جيڪڏهن ڪو جوابدار اپيل ۾ چوي ته ان جو منصفانه ٽرائل ناهي ٿيو ۽ ڪنهن شڪايت ناهي ڪئي ته فيئر ٽرائل ناهي مليو ؟. جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته اهي ائين چون ته ڪيڏانهن ويندا. خواجه حارث وڌيڪ دليلن لاءِ وقت گهرندي چيو ته اڌ ڪلاڪ يا چاليهه منٽ جو وڌيڪ وقت ڏنو وڃي. مون کي جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس جمال مندوخيل جي سوالن جا جواب ڏيڻ آهن. جنهن بعد جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس جمال مندوخيل پنهنجا سوال واپس وٺڻ جي آڇ ڪئي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل جي غيرموجودگيءَ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته وفاق جي وڪالت هاڻي خواجه حارث ڪري رهيو آهي ۽ جيڪڏهن اٽارني جنرل دليلن جو حق ان جي حُوالي ڪري ڇڏيو آهي ته ان کي ٻڌڻ جو جواز نٿو ٺهي. جسٽس امين الدين خان اٽارني جنرل جي معاملي تي جسٽس جمال مندوخيل کي ڳالهائڻ کان روڪيو. آخر ۾ عدالت خواجه حارث کي اڄ جمعي ڏينهن تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جمعي کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 28 اپريل تائين ملتوي ڪئي ويندي ڇو ته بينچ 28 اپريل تائين موجود نه هوندي، جڏهن ته 28 اپريل تي اٽارني جنرل پنهنجي دليلن جي شروعات ڪندو.