اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ اجلاس ۾ مختلف پارٽين جي  سينيٽرن پاران فوجي عدالتن جي خلاف فيصلي کي رد ڪرڻ جي قرارداد جي مذمت ڪئي ۽ اها قرارداد رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، سينيٽر رضا رباني چيو ته فوجي عدالتن خلاف سُپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين پٽاندڙ هو، اُن کي مڃڻ گهرجي ها، سينيٽ مان منظور ڪيل ٺهراءُ جي مذمت ڪريون ٿا، اها اڪثريت جي جذبن جي عڪاسي نٿي ڪري، سينيٽ چيئرمين چيو رضا رباني صاحب! معاملو هاڻي عدالت ۾ آهي، سينيٽر مشتاق احمد خطاب ڪندي چيو جڏهن ٺهراءُ پيش ٿيو ته مون ۽ رضا رباني مخالفت ڪئي، اُن ڏينهن ٺهراءُ تي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو، ايوان کان مطالبو آهي ته انهي ٺهراءُ کي رد ڪيو وڃي، رضا رباني چيو ته ان ڏينهن ايوان ۾ ڪورم به پورو نه هو، سينيٽر دلاور خان چيو ته اُن ڏينهن ڪورم پورو نه هو ته ڇا رضا رباني ننڊ هو؟ رضا رباني ڪورم جي نشاندهي ڪري ها ته اجلاس ملتوي ٿي وڃي ها. سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ڇا ڪو ملوث هجي ته ڇا سويلين ڪورٽ ان کي سزا نٿي ڏئي سگهي، جيڪڏهن سويلين ڪورٽ ڪيس نٿي هلائي سگهي ان کي تالا هنيا وڃن، سينيٽر علي ظفر چيو ته اسان آئين جي رسي ڇڏي اهڙي قراراد پاس ڪنداسين جيڪا آئين جي ابتڙ هجي ته پنهنجو ئي نقصان ڪري رهيا آهيون. سينيٽر منظور ڪاڪڙ چيو ته ملٽري ڪورٽ ته 1967ع کان آهي، ڪا نئين ڳالهه ٺهڻ نه پئي وڃي، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته عوام جو خصوصي عدالت ۾ ٽرائل ڪرڻ غلط آهي، جيڪڏهن ججز پنهنجي پيرن تي بيهجي ويا ته ملٽري ڪورٽس جي مامري تي اسان کي ان جي حمايت ڪرڻ گهرجي.