ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملير جيل حملي ۽ ٻين الزامن تي فوجي عدالتن جي فيصلن خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس عمر سيال چيو ته فوجي عدالتن جي فيصلن خلاف 64 کان وڌيڪ اپيلون سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهن، انهن اپيلن تي جلد فيصلو متوقع آهي، انهي ڪري ٻڌڻي ٻن مهينن لاءِ ملتوي ڪئي وڃي ٿي، واضح رهي ته قاسم طوري، عابد ۽ دانش کي فوجي عدالت مختلف الزامن هيٺ موت جي سزا ٻڌائي هئي، سندن وارثن جو چوڻ هو ته جوابدارن جي خاندانن کي ڪيسن جا تفصيل نه ٻڌايا پيا وڃن, کين فيصلي جون ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن اهي سزائن خلاف اپيل داخل ڪري سگهجن، درخواست ۾ خاندان سان ملاقات ڪرڻ ۽ سزا تي عملدرآمد روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.