فوجي عدالتون نامنظور: سينيٽ ۾ هنگامو، احتجاج، نعرا، ايئن ايوان هلڻ نه ڏينداسين: سينيٽرز

0
195
فوجي عدالتون نامنظور: سينيٽ ۾ هنگامو، احتجاج، نعرا، ايئن ايوان هلڻ نه ڏينداسين: سينيٽرز
فوجي عدالتون نامنظور: سينيٽ ۾ هنگامو، احتجاج، نعرا، ايئن ايوان هلڻ نه ڏينداسين: سينيٽرز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن جي حمايت ۾ ٺهراءَ جي منظوري تي سينيٽ ۾ ڪالهه به هنگامو ٿيو، سينيٽرز جو احتجاج، اجلاس ملتوي ڪيو ويو، چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻيءَ جي صدارت هيٺ اجلاس شروع ٿيندي ئي فوجي عدالتن متعلق ڪجهه ڏينهن اڳ منظور ٿيندڙ قرارداد واري مامري تي هنگامو شروع ٿي ويو

جي يو آءِ (ف) جي ڪامران مرتضيٰ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ قرارداد واري معاملي تي ڳالهائڻ جي اجازت گهري ته چيئرمين سينيٽ چيو ته پهريون سوالن وارو وقفو ٿئي اِن بعد سڀني کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو. اهم مامري تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي سمورا ميمبر سيٽن تي بيهجي ويا ۽ شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو

نعريبازي دوران مائڪ کان بنا ئي ڳالهائيندي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته ان ڏينهن اسان ايڏو وڏو ڪم ڪيو آهي، اسان اها قرارداد منظور ڪري هڪ خراب ڪم ڪيو آهي، سينيٽر سعديه عباسي چيو ته اسان جيستائين سينيٽ مان منظور قرارداد تي نٿا ڳالهايون تيسيتائين اسان ايوان هلڻ نه ڏينداسين

زرقه سهروردي چيو ته قرارداد پاس ٿي آهي ان تي ڳالهائڻ ڏنو وڃي. چيئرمين سينيٽ ڪنهن به سينيٽر کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيندي چيو ته في الحال سوالن جو وقفو ٿي رهيو آهي ايوان جي عزت ڪري سيٽن تي ويهي رهو، ان باوجود ايوان ۾ سينيٽرز شديد احتجاج جاري رکيو، جنهن بعد سينيٽ چيئرمين اجلاس سومر ساڍي ٽئين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

اجلاس ملتوي ٿيڻ تي سينيٽرن ملٽري ڪورٽ نامنظور جا ايوان ۾ زوردار نعرا هنيا. سينيٽر بهرمند خان تنگي ملٽري ڪورٽس منظور جا نعرا هنيا. سينيٽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٺهراءُ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو هو، پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني ۽ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي هئي