اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کان فوجي عدالتن مان آزاد ٿيندڙ ۽ سزا ملندڙ جوابدارن جي فھرست سميت سمورا تفصيل طلب ڪري ورتا. عدالت ڪيسن ۾ ڌر بڻجڻ ۽ داخل مختلف درخواستن تي نوٽس جاري ڪندي چيو آھي ته جيڪي جوابدار بري ٿي سگھن ٿا انھن کي ته آزاد ڪريو، عدالت جو بنيادي مقصد انساني حقن جو تحفظ آھي. ٻئي طرف خيبرپختونخوا حڪومت سويلنز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل نه ٿيڻ جي سپريم ڪورٽ فيصلي کي درست قرار ڏيندي ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جي خلاف داخل اپيلون واپس وٺڻ جي استدعا ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي جسٽس امين الدين جي سربراھيءَ ۾ 6 رڪني بينچ ڪئي. فوجي عدالتن خلاف درخواستگذارن بينچ سان گڏ نجي وڪيلن تي اعتراض واريندي چيو ته اٽارني جنرل پاڻ اپيلون داخل ڪيون آھن ته عوام جو پئسو نجي وڪيلن تي ڇو خرچ ٿئي؟ خواجه احمد حسين بينچ جي جوڙجڪ لاءِ معاملو ٻيھر ججز ڪاميٽي کي موڪلڻ جي استدعا ڪئي. عدالت چيو ته اٽارنر جنرل ٻڌايو ته ٽرائل مڪمل ٿي چڪو آھي، پر اڃا فيصلو ناھي ٻڌايو ويو، ڪجھه اھڙا جوابدار آھن جن جي گرفتاري وارو عرصو سزا ۾ تصور ٿيندو. سپريم ڪورٽ منع نامي واري حڪم سبب بريت جي فيصلو ناھي ٿي سگھيو. جسٽس امين الدين خان چيو ته جيڪي جوابدار بري ٿي سگھن ٿا انھن کي ته بري ڪيو. باقين جي قانوني ويڙهه هلندي رهندي. اٽارني جنرل جنرل ٻڌايو ته سزائون ڪيتريون ٿينديون اھي شاھديون رڪارڊ ڪندڙ ئي ٻڌائي سگھن ٿا. آرمي چيف جي منظوري صرف موت واري سزا جي ڪيسن ۾ گهربل ھوندي آھي. جنھن تي جسٽس مسرت ھلالي چيو ته اھڙن ڪيسن جي ٽرائل ۾ ئي پتو لڳي ويندو آھي ته سزائون ڇا ٿينديون. بريت جو فيصلو مڃڻ جو مطلب فوجي عدالتن جو ٻڌڻي وارو اختيار تسليم ڪرڻ ھوندو. فوجي عدالتن مان بريت بعد جوابدارن جي حراست به غيرقانوني تصور ٿيندي. جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏھن سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن جو دائري اختيار ئي تسليم نه ڪري ته ڳالھه ئي ختم ٿي ويندي. جنھن کي ڇھن مھينن جي سزا آھي اُن کي ھڪ سال گرفتار نه ھجڻ گھرجي. ٻئي طرف فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف داخل اپيلون واپس وٺڻ جي استدعا به ڪئي وئي. وڪيل صوبائي ڪابينا جي قرارداد عدالت ۾ پيش ڪئي ته باضابطه درخواست ڏيڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کان آزاد ٿيندڙ ۽ سزا ٻڌايل جوابدارن جي لسٽ طلب ڪري ورتي. عدالت حراست ۾ موجود 103 ڄڻن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ ۽ داخل مختلف درخواستون تي به نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي.