اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان سويلين کي فوجي عدالتن جي ٻڌايل سزائن بابت عالمي ردعمل کي رد ڪري ڇڏيو، آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيا جي بيانن تي ردعمل ڏيندي پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي سلامتي جا فيصلا پاڪستاني قوم ڪندي، ڪنهن به پرڏيهي مداخلت جي ضرورت ناهي، پاڪستان جو آئين ۽ عدالتون اندروني مسئلا حل ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿيون، ڪنهن ٻاهرين کي مداخلت ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، هن چيو ته پاڪستان جو عدالتي نظام عالمي معاهدن تحت آهي، جيڪو نظرثاني، انساني حقن، بنيادي آزادي جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، پارليامينٽ ذريعي منظور ٿيل قانون ۽ سپريم ڪورٽ جي ججمينٽ تي فيصلا ڪيا ويا آهن، پاڪستان جمهوريت، انساني حقن، قانون جي حڪمراني جي اصولن کي هٿي ڏيڻ تي يقين رکي ٿو. پرڏيهي ترجمان چيو ته آمريڪي پابندين جو پاڪستان جي دفاعي فيصلن تي ڪو به اثر نه پوندو، اهڙا قدم دفاعي پوزيشن کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن.