ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ فوجي آپريشن جي ضرورت ناهي، پنجابي ماري بلوچستان آزاد نٿو ڪري سگهجي، بلوچ نوجوانن کي دهشتگرديءَ طرف ڌڪيو پيو وڃي ۽ پڙهيل نوجوانن کي استعمال ڪيو پيو وڃي، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سڀني کي خبر هئڻ گهرجي ته دهشتگرد ڪيئن ماڻهن کي ورغلائي آپگهاتي حملا ڪرائيندا آهن. ڪوڙي پروپيگنڊا ذريعي ماڻهن کي ورغلايو ويندو آهي ۽ نوجوانن کي رياست سامهون بيهاريو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته هو بلوچ ٻارن لاءِ اعليٰ تعليم جو بندوبست ڪري رهيا آهن، اوهان انهن ٻارن کي کڻي جنگ جي تيل ۾ ڌڪي رهيا آهيو، هي ماڻهن کي ماري ڪيئن بلوچستان جي خدمت ڪري رهيا آهن؟