فوجي آفيسر آئين معطل ڪري ته ڇا سزا آهي؟ ججز به آرٽيڪل 6 جي زمري ۾ اچن ٿا ؟ سپريم ڪورٽ

0
32
اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ هوندي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو ؟ سپريم ڪورٽ
اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ هوندي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو ؟ سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ٿي. عدالت وڪيل خواجه حارث کي دليل اڄ تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث چيو ته فوجي عدالتن کي آئين به تسليم ڪيو آهي. جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو نماز کان پري رهڻ جو حڪم آهي پر نشي جي حالت ۾. ائين ڪنهن جو ڪيس فوجي عدالتن ۾ ويندو. اهو ڏسڻو آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته آرمي ايڪٽ جي ڪجهه شقن ۾ آگسٽ 2023ع تي ترميم ڪئي وئي. موجوده ڪيس ۾ واقعا مئي 2023ع تي ٿيا. ڇا بعد ۾ ڪيل ترميم کي 9 مئي واقعن تي لاڳو ڪري سگهجي ٿو؟، 9 مئي جي جوابدارن جو ٽرائل آرمي ايڪٽ ۾ ترميم تحت ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلينز جي ٽرائل متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ۾ سربراهه آئيني بينچ جسٽس امين الدين خان، خواجه حارث کي چيو ته ڪهڙا ڪيس فوجي عدالتن کي منتقل ڪيا ويا ۽ ڇو منتقل ڪيا ويا. ان معاملي تي مختصر ٻڌايو وڃي. جسٽس امين الدين خان چيو ته ججز جي جا سوال ٿيا ته آخر ۾ اُن جو به جائزو ورتو ويندو. وڪيل خواجه حارث عدالت کي آگاهه ڪيو ته سپريم ڪورٽ آرمي ايڪٽ جي سيڪشن 59(4) کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ ڪيل ڏوهه جو ذڪر آهي ۽ اهو فوجي آفيسرن تي لاڳو ٿئي ٿو. خواجه حارث جواب ڏنو ته فوجي عدالتن کي آئين به تسليم ڪيو آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اهو ڏسڻو آهي ته فوجي عدالتن ۾ ڪيس ڪنهن جو ويندو. جڏهن ته جسٽس مسرت هلالي نشاندهي ڪئي ته آئين ڪافي ٽربيونلز جي به منظوري ڪري ٿو. جسٽس هلالي آرمي ايڪٽ ۾ آئين معطل ڪرڻ جي سزا جي حوالي سان سوال اُٿاريو، ، جسٽس مسرت هلالي سوال پڇيو ته ڇا آرمي ايڪٽ ۾ آئين کي معطل ڪرڻ جي سزا آهي؟ جيڪڏهن ڪو آرمي آفيسر آئين معطل ڪري ته ڇا سزا آهي؟ جنهن تي خواجه حارث جواب ڏنو ته آئين جي آرٽيڪل 6 تحت آئين معطل ڪرڻ جي سزا موجود آهي ۽ آرمي ايڪٽ ۾ حلف جي خلاف ورزي جي سزا به ڏني وئي آهي. جسٽس جمال مندوخيل ماضي طرف اشارو ڪندي چيو ته عدليه مارشلا جي توثيق ڪئي ۽ سوال اٿاريو ته ڇا غير آئيني قدمن تي ججز به آرٽيڪل 6 جي ذمري ۾ ايندا آهن. جسٽس محمد علي مظهر پرويز مشرف ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ڪيس ۾ ججز جو نالو ڏنو ويو هيو پر بعد ۾ ڪڍيو ويو. جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته آرمي ايڪٽ ۾ بنيادي انساني حق ڇو ناهن ملندا. جڏهن ته آئين سمورن قانونن جي ماءُ ۽ سڀني کان بالاتر آهي. خواجه حارث چيو ته فوجي عدالتن ۾ به جوابدارن کي حق حاصل هوندا آهن. جسٽس حسن اظهر رِضوي پڇاڻو ڪيو ته ڇا فوجي عدالتن جي تازي فيصلن جو جائزو وٺي سگهجي ٿو ۽ ڇا عدالت کي ڏيکاريو ويندو ته ٽرائل ۾ قانون تي عمل درآمد ٿيو آهي يا نه؟ جسٽس امين الدين خان چيو ته جيڪڏهن ضرور پئي ته عدالت پاڻ رڪارڊ گهرائيندي ۽ سزا يافته ماڻهن جي اپيلن تي اثر انداز نٿا ٿيڻ چاهيون. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جائزو وٺڻ ضروري آهي ۽ ضابطه فوجداري ۾ سڀ ڪجهه لکيل آهي. پر قانون جي مطابق ٽرائل نه ٿڻ تي ئي اپيل ڪري سگهجي ٿي. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن جا فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏني هئي ۽ اهو ڏسڻ ضروري آهي ته جوابدارن کي پنهنجي دفاع ۾ گواهه پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي يا نه؟ عدالت فوجي عدالتن ۾ پيش ڪيل شاهدن جي معيار جو به جائزو وٺڻ تي زور ڏنو. وڪيل خواجه حارث چيو ته عدالت سمورن سمورا ڪيس نه. پر هڪ ڪيس جو رڪارڊ ڏسي سگهي ٿي. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته ڪنهن سان ذڪر نه ڪنداسين پر عدالت جائزو وٺڻ جو اختيار رکي ٿي. وڪيل چيو ته جائزه وٺڻ جي اختيار جي حد تائين هو متفق آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته آرمي ايڪٽ جي ڪجهه شقن ۾ آگسٽ 2023ع تي ترميم ڪئي وئي. موجوده ڪيسن ۾ واقعا مئي 2023ع تي ٿيا. ڇا بعد ۾ ڪيل ترميم کي 9 مئي تي واقعن تي لاڳو ڪري سگهجي ٿو؟ 9 مئي جي جوابدارن جو ٽرائل آرمي ايڪٽ ۾ ترميم تحت ڪيو ويو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته 9 مئي جي ٻن فيصلن ۾ فيئر ٽرائل جو ذڪر موجود آهي ۽ عدالت جوابدارن جي ڪلاس جو جائزو وٺڻ چاهي ٿي. هن چيو ته جوائنٽ ٽرائل نه ٿيڻ گهرجي ها ۽ عملي طور تي هي ڇا ٿيو اهو ڏسڻ ضروري آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سوال اهو آهي ته عام ماڻهو آرمي ڊسيپلين ۾ ايندو آهي يا نه. عدالت اڄ تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران وزارت دفاع جو وڪيل خواجه حارث دليل مڪمل نه ڪري سگهيو. عدالت وڪيل خواجه حارث کي هدايت ڪئي ته هو دليل اڄ تائين مڪمل ڪيا وڃن.