نوشهروفيروز (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوشهروفيروز پھتو، ان کان اڳ بلاول مورو ۾ شڪارپور حادثي جي فوتي پ پ اڳواڻن جي وارثن سان تعزيت ڪئي، تعزيت دوران شڪيل ميمڻ جي نياڻين نساءِ ميمڻ ۽ ٻين پاران بلاول کي ڏوراپو ڏنو ۽ ڪاوڙ ڪندي تعزيت وصول ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته بلاول صاحب! توھان کي اسان جي تڏي تي اچڻ گھربو ھو، اسان جي والد پارٽي لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون پر توھان تڏي تي نه آيا ۽ اسان کي مورو گھرائي تعزيت پيا ڪريو، جنھن سان اسان جي عزت ڪا نه ٿي آھي، نياڻين جي ڪاوڙ تي بلاول شيڊول تبديل ڪري خليفه ھائوس نوشهروفيروز پھتو، بلاول جي اچڻ تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، جڏهن ته ميڊيا ۽ شھرين کي بلاول کان پري رکيو ويو.