اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻو وفاقي وزير ۽ پاڪستان استحڪام پارٽي اڳواڻ فواد چوڌري ٻيهر گرفتار، اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر رمانڊ تي جيل حوالي. تفصيل موجب فواد چوڌري کي اسلام آباد مان هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، فواد چوڌري جي گهر واري حبا فواد چيو آهي ته منهنجي مڙس کي سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن ۽ پوليس اهلڪارن گهر مان گرفتار ڪيو، حبا فواد موجب فواد چوڌري کي گرفتار ڪرڻ بعد اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، فواد چوڌري جي ڀاءُ فيصل چوڌري نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته ڀاءُ کي منهنجي اسلام آباد واري گهر مان ڪجهه وردي سان اهلڪارن ۽ سادي ڪپڙن وارن ماڻهن گڏجي اغوا ڪيو. هن ٻڌايو ته گرفتاري وارنٽ يا حڪم نه ڏيکاريو ويو، مون کي ڀاءُ جي سلامتي بابت خدشا آهن. فواد چوڌري جي گهرواري حبا چوڌري چيو ته اسان کي ڪا خبر ناهي ته گرفتاري ڇو ڪئي وئي. ذريعن موجب فواد چوڌري کي آبپاره ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، ريلي ڪڍڻ ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جو مٿس الزام آهي، گرفتاري کان هڪ ڪلاڪ اڳ فواد چوڌري اسحاق ڊار کي نواز ليگ جو اليڪشن سيل جو انچارج مقرر ڪرڻ تي تنقيد ڪئي هئي. اسلام آباد جي جوڊيشل ميجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل جي عدالت فواد چوڌري کي بازياب ڪرائڻ جي درخواست تي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، فواد جي ڀاءُ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته فواد کي غيرقانوني طور حراست مان بازياب ڪرايو وڃي، عدالت سومر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. هوڏانهن اسلام آباد جي عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، اينٽي ڪرپشن خيبرپختونخواهه کي هڪ هفتي اندر قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، اسلام آباد جي بني گالا ٿاڻي جي پوليس اسد قيصر کي جڊيشل ميجسٽريٽ جي عدالت آڏو پيش ڪندي چيو ته کيس ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته اسلام آباد پوليس کي ڪنهن ٻئي جي ڪيس ۾ گرفتاري جو اختيار ڪنهن ڏنو آهي؟ وڪيل موجب ڪالهه اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ٿيو ۽ اسد قيصر کي گرفتار ڪيو ويو، اسد قيصر کي سياسي انتقام طور گرفتار ڪيو ويو آهي، حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي رهيا آهيون، عدالت چيو ته هن موقعي تي حفاظتي ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي، عدالت اسد قيصر کي هڪ هفتي جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، کيس جوڊيشل لاڪ اپ ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته اسد قيصر کي گذريل ڏينهن گهران گرفتار ڪيو ويو هو، مٿس ميڊيڪل ڪاليج صوابي جي فنڊن ۾ گهوٻين جو الزام آهي.