لاهور: (م ڊ) سروسز اسپتال لاهور جي ذريعن ٻڌايو آهي ته فواد چوڌري ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي جنهن سبب هو مختلف دوائون به استعمال ڪندو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد حسين چوڌري کي لاهور مان گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ڪينٽ ڪچهري ۾ پيش ڪيو ويو. جتي عدالت سندس طبي معائني جو حڪم ڏنو. لاهور جي سروسز اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ پي ٽي آءِ اڳواڻ جو طبي معائنو ڪيو. اسپتال ذريعن موجب فواد چوڌري جي سي بي سي ۽ گڙدن جون ٽيسٽون ڪيون ويون جڏهن ته جگر، بلڊ پريشر، شوگر سميت ٻيون ٽيسٽون به ڪيون ويون. فواد چوڌري طبي طور تي نارمل آهي ۽ هو سفر به ڪري سگهي ٿو. ميڊيڪل بورڊ جي ذريعن موجب فواد چوڌري جي بلڊ شوگر 183 آهي جيڪا معمول کان وڌيڪ آهي، سندس بلڊ پريشر 160 آهي ان جي جسم تي تشدد جو ڪوبه ظاهري نشان نه آهي. اسپتال ذريعن ٻڌايو ته سروسز اسپتال جي نفسيات جي ماهر ڊاڪٽرن به فواد چوڌري جو چيڪ اپ ڪيو جنهن کان پوءِ انڪشاف ٿيو آهي ته فواد چوڌري نفسياتي دٻاءُ جو شڪار آهي جنهن ڪري هو ذهني دٻاءُ جون دوائون پڻ استعمال ڪندو آهي. ميڊيڪل چيڪ اپ کان پوءِ پوليس فواد چوڌري کي سروسز اسپتال مان کڻي عدالت جي لاءِ رواني ٿي وئي.