اسلام آباد (بيورو رپورٽ) راولپنڊي جي خصوصي عدالت اينٽي ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي ضمانت منظور ڪري ورتي، خصوصي عدالت اينٽي ڪرپشن جي ڪيس ۾ فواد چوڌري کي 2 لک رپين جي مچلڪن عيوض آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اينٽي ڪرپشن پوليس فواد چوڌري کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو، فواد چوڌري کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيو ويو هو.