ڪراچي: سنڌ حڪومت ضلعن جا انتظامي آفيسر به تبديل ڪيا آهن. محمد ارسلان سليم کي ڊي سي نوشهروفيروز، فياض مهيسر کي ڊي سي سکر، احمد فواد کي ڊي سي خيرپور ۽ آغا شاھ زمان کي ڊي سي گھوٽڪي مقرر ڪيو ويو آهي. جاويد ڪنڀر ڊي سي لاڙڪاڻو، دادلو زهراڻي ڊي سي جيڪب آباد، ساجد حيدر قادري ڊي سي قمبر، الطاف چاچڙ کي ڊي سي شڪارپور، زاهد حسين کي ڊي سي شهيد بينظيرآباد، عمران الحسن کي ڊي سي سانگھڙ، اسد علي خان ڊي سي ٺٽو، عبدالفتاح هُليو ڊي سي بدين، علي ذوالفقار ميمڻ کي ڊي سي ڄامشورو، ڌرمون ڀاواني کي ڊي سي ٽنڊو محمد خان، طارق قريشي کي ڊي سي حيدرآباد، الطاف گوهر ميمڻ کي ڊي سي ٽنڊوالهيار، واجد شيخ کي ڊي سي سجاول، فياض راهوجو کي ڊي سي دادو، رشيد مسعود خان کي ڊي سي ميرپورخاص، ولي محمد بلوچ کي ڊي سي عمرڪوٽ، عبدالحليم جاگيراڻي کي ڊي سي ٿرپارڪر، جنيد اقبال ميمڻ ڊي سي ڪياماڙي، الطاف ساريو ڊي سي سائوٿ ڪراچي، احمد علي صديقي ڊي سي ويسٽ ڪراچي، الطاف شيخ ڊي سي ايسٽ ڪراچي، سعيد لغاري ڊي سي ملير مقرر ڪيو ويو آهي.