ممبئي(شوبز نيوز) ڀارت ۾ مشهور پاڪستاني اداڪار فواد خان جي فلم ”عبير گلال“ جي نمائش روڪي وئي آهي. فواد خان۽ ڀارتي اداڪاره واني ڪپور جي رومانوي فلم ڪالهه رليز ٿيڻي هئي، پر ڀارتي اڳرائي جي ڪري خطي ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جي ڪري فلم جي رليز اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي اهي. فلم ساز ۽ ان جي ٽيم پاران ان صورتحال تي اڃا تائين ڪو بيان سامهون ناهي آيو، پر فلم جي معاون اداڪاره رليز ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. فلم عبير گلال جي مستقبل جي باري ۾ اڃا ڪو واضح اعلان سامهون ناهي آيو پر فلم جي رليز جو فيصلو هاڻي پاڪ_ڀارت لاڳاپن جي بهتري سان مشروط لڳي رهيو آهي.