فواد خان ، فهد مصطفيٰ کان وڌيڪ خوبصورت آهي : حرا ماني

0
510

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا حرا ماني چيو آھي تھ فواد خان ، فهد مصطفيٰ کان وڌيڪ خوبصورت آهي ، پاڪستان جي مشهور اداڪاره حرا ماني جو چوڻ آهي ته فواد خان، فهد مصطفيٰ کان وڌيڪ خوبصورت آهي، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالھائيندي ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تھ اداڪار فواد خان پاڪستاني اداڪار ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ کان وڌيڪ خوبصورت آهي، ھن عاصم اظھر بابت چيو تھ عاصم اظھر ھن وقت تمام پرسڪون زندگي گذاري رھيو آھي، اڳتي بھ ايئن گذاريندو، ھانيا عامر ۽ عاصم اظھر تڪرار بابت ھن چيو تھ ان تڪرار دوران شيئر ڪيل عاصم جي تصوير جو مقصد اھو نھ ھو تھ مون ھن کي سپورٽ ڪيو، پر اھو چونديس تھ حقيقت ۾ عاصم جي مداح آھيان، مون ھن سان گڏ ڪم بھ ڪيو آھي ۽ ھو پرسڪون آھي.