لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ فهميده سيال قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ڪيس جو فريادي تقي سيال سندس وڪيل رياض کوسو، جوابدار تصور اسراڻ، سيف الله شاهاڻي، عزيز عرف ميجر اسراڻ ۽ طالب لاڙ به پيش ٿيا،عدالت ٻڌڻي 19 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. هوڏانهن ڪيس جي فريادي تقي سيال پنهنجي وڪيل رياض کوسو معرفت ساڳئي عدالت ۾ جوابدار تصور اسراڻ خلاف درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار سياسي اثر رسوخ تي پاڻ کي بيمار ڄاڻائي سول اسپتال ۾ قائم جيل وارڊ ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آھي، جتي کيس جيل مينوئل سهولتن کان وڌيڪ سهولتون ملي رهيون آھن، جيڪو رات جي وقت پنهنجي گهر اچي واپس ٿي وڃي ٿو،عدالت جوابدار کي ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجي بيماري جا سبب پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻئي طرف رپوش جوابدار نديم اسراڻ جي ملڪيت جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي عدالت قمبر تعلقي جي رجسٽرار مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.فريادي تقي سيال جو چوڻ آھي ته پوليس نديم اسراڻ کي اڃا گرفتار ناهي ڪري سگهي، جيڪو مختلف وقتن تي سياسي تقريبن توڙي ٻين پروگرامن ۾ پوليس جي بغير خوف جي شامل ٿئي ٿو.