اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته صرف ڪميٽي جي تيار ڪيل فهرست ۾ شامل ماڻهو ئي عمران سان جيل ۾ ملاقات ڪرڻ جا اهل هوندا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال سميت اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقات لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڪئي وئي، ڪميٽي هر اڱاري ۽ خميس تي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪندڙ نالن جي لسٽ ڏيندي، فهرست جي منظوري باني پي ٽي آءِ کان ورتي ويندي. سياسي ڪميٽي جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بيرسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا ۽ انتظار پنجوٿا مان ڪنهن هڪ جي ذريعي فهرست جيل عملدارن کي موڪلي ويندي، هي طريقو باني پي ٽِي آءِ جي هدايت ۽ اسلام اباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب آهي. فهرست کان علاوه ڪو به ماڻهو باني پي ٽي آءِ سان ملاقات نه ڪندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ٿيو ته جيل عملدارن خلاف فوري طور تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي ويندي. ڪي پي جي حڪومتي عهديدار ڪنهن به ڏينهن وقت باني سان ملاقات لاءِ آزاد هوندا، خيبرپختونخوا جي حڪومتي عهديدارن لاءِ پنج رڪني ڪميٽي جي فهرست جي پابندي لازمي نه هوندي.