ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪار، پروڊيوسر ۽ ٽي وي ميزبان فهد مصطفيٰ کي تازو ئي برطانوي پارليامينٽ ۾ ٻه اهم ايوارڊز سان نوازيو ويو آهي ۽ اهو اهي اعزاز حاصل ڪندڙ پهريون پاڪستاني بڻجي ويو آهي، فهد مصطفيٰ کي هائوس آف ڪامنز طرفان “ڊائيورسٽي اينڊ ڪلچرل امپيڪٽ ايوارڊ” ۽ هائوس آف لارڊز طرفان “گلوبل ڪلچرل يونٽي ايوارڊ” ڏنو ويو، پنهنجي انسٽاگرام تي انهن پرجوش لمحن جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي فهد مصطفيٰ لکيو ته اهو ايوارڊ رڳو سندس نه پر پاڪستان جي هر ان فنڪار ۽ خواب ڏسڻ واري جي ڪاميابي جي عالمت آهي، جيڪو وڏا خواب ڏسڻ جي همت رکي ٿو ۽ انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر حد پار ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي، هن وڌيڪ چيو ته هڪ فخر سان ڀرپور پاڪستاني جي حيثيت سان اهو اعزاز حاصل ڪرڻ انهن لاءِ باعث عزت آهي، هائوس آف ڪامنز ۾ بيهي کيس سدائين پاڪستان جي عوام جي بي پناهه طاقت، خوبصورتي ۽ صلاحيت جو احساس ٿيندو آهي، ياد رهي ته ان کان اڳ مشهور پاڪستاني اداڪاره ماهرا خان کي به برطانوي پارليامينٽ طرفان لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو هيو.