فن کي 30 سال ارپيندڙ جھول جو صوفي فنڪار علي نواز رند نظرانداز

0
35
فن کي 30 سال ارپيندڙ جھول جو صوفي فنڪار علي نواز رند نظرانداز
فن کي 30 سال ارپيندڙ جھول جو صوفي فنڪار علي نواز رند نظرانداز

جهول (رپورٽ: ممتاز شر) جهول سان تعلق رکندڙ صوفي فنڪار علي نواز رند پهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان غريب فنڪارن کي ثقافت کاتي بلڪل وساري ڇڏيو آهي

ثقافت کاتي ڏانهن وڃون ٿا ته چون ٿا ته ڪا وڏي سفارش هجي ته پوءِ اوهان کي ثقافت کاتو لفٽ ڪرائيندو. هن چيو ته ٽيهه سال فن کي ارپيا آهن پر اسان جو سنڌ حڪومت ڪو قدر ناهي ڪيو

هن چيو ته اسان جو ڏوهه اهو آهي ته اسان غريب فنڪار آهيون پهچ ناهي سنڌ سرڪار اسان غريب فنڪارن جي پڻ واهر ڪري