دبئي (اسپورٽس نيوز) نيوزي لينڊ جي فن ايلن ٽي 20 ڪرڪيٽ جي هڪ اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻڻ جو عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي. فن ايلن آمريڪي ميجر ليگ ڪرڪيٽ دوران پنهنجي اننگز ۾ 19 ڇڪا لڳايا. هڪ اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻڻ جو اڳوڻو رڪارڊ ڪرس گيل وٽ هو، جنهن 18 ڇڪا لڳايا هئا. فن ايلن واشنگٽن فريڊم خلاف سان فرانسسڪو يونيڪارنز لاءِ 51 بالن تي 151 رنسن جي اننگز کيڏي. فن ايلن پنهنجي اننگز ۾ ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 150 رنسن جو رڪارڊ پڻ قائم ڪيو، هن 49 بالن تي 150 رنسون ٺاهيون، جنهن کان پوءِ فن ايلن 34 بالن تي سينچري اسڪور ڪندڙ نيوزي لينڊ جو پهريون رانديگر پڻ بڻجي ويو. ياد رهي ته ايم ايل سي جي پهرين ميچ ۾، سين فرانسسڪو يونيڪارنز واشنگٽن فريڊم کي 123 رنسن سان شڪست ڏني هئي. پهرين بيٽنگ ڪندي، سين فرانسسڪو يونيڪارنز 5 وڪيٽن تي 269 رنسون ٺاهيون. هدف جي تعاقب ۾، سڄي واشنگٽن فريڊم ٽيم 13.1 اوورن ۾ 146 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان جي حارث رئوف ميچ ۾ سين فرانسسڪو يونيڪارنز لاءِ 3 وڪيٽون ورتيون.