فنڪاره ممتاز ڪنول جي پلاٽ تي قبضو، نوٽيس وٺڻ جي اپيل

0
17
فنڪاره ممتاز ڪنول جي پلاٽ تي قبضو، نوٽيس وٺڻ جي اپيل
فنڪاره ممتاز ڪنول جي پلاٽ تي قبضو، نوٽيس وٺڻ جي اپيل

خيرپور(رپورٽر) سنڌ جي مشهور گلوڪارا ممتاز ڪنول سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪندي تحفظ جي گهر ڪئي آهي، ممتاز ڪنول جو چوڻ آهي ته نظاماڻي پاڙي خيرپور ۾ 10 ھزار فوٽن تي مشتمل پراپرٽي آهي، جنهن جي اڌ تي علي شير ڏهوٽ واري ڌر طرفان قبضو ڪيو ويو آهي، جنهن جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ هلي رهيو آهي، ھن چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي هئي، اتي علي شير ڏهوٽ، دل مراد ڏهوٽ، محمد علي ڏهوٽ، عادل ۽ عديل ڏهوٽ مون کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ته ٻڌڻي کانپوءِ توهان کي رستي ۾ خون ڪنداسين، مون اتي موجود سيڪيورٽي ۽ بعد ۾ جج کي ٻڌايو جنهن تي عدالت جوابدارن کي ڇنڊ پٽي ۽ مون کي پوليس پروٽيڪشن ڏني، پوليس سکر کان مون کي خيرپور ڇڏيو، ھن چيو ته عدالت طرفان 14 اپريل تي ٻڌڻي رکي وئي آهي، مان اپيل ٿي ڪريان ته نوٽيس وٺي جوابدارن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.