سيوهڻ (ن پ ا) حضرت لعل شهباز قلندر جي 771هين عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن تي جيم خانه سيوهڻ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفيٰ چيو آهي ته حضرت لعل شهباز قلندر جو 3 ڏينهن وارو عرس انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃيهن چيو ته، طبي امدادي ڪيمپون پڻ لڳايون ويون آهن. خوشقسمتيء سان هن ڀيري موسم بهتر آهي ۽ هن وقت تائين هيٽ اسٽروڪ جو ڪو به واقعو پيش ناهي آيو ۽ عرس مبارڪ دوران ڪو به عقيدتمند فوت نه ٿيو آهي.فنڪارن جي معاوضي ۾ ڪٽوتي جي حوالي سان هن چيو ته ڪنهن به فنڪار جي معاوضي ۾ ڪا ڪٽوتي نه ڪئي وئي آهي پر کين معاوضو گهٽائڻ جو چيو ويوهو.هن عرس مبارڪ دوران بهترين ڪوريج ڪرڻ تي ميڊيا جي دوستن جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ايس ايس پي ڄامشورو عمران احمد قريشي چيو ته پوليس زائرين کي هر ممڪن تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان کي الله تعاليٰ کان اميد آهي ته عرس مبارڪ جا سمورا ڏينهن سٺي نموني گذري ويندا.