فنڊنگ ڪيس: پي ٽي آءِ جي درخواست رد، اليڪشن ڪميشن ۽ اڪبر بابر کان جواب طلب

0
158
عمران خان جي گرفتاريءَ جو نوٽيس: آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل 15 منٽن  اندر طلب
عمران خان جي گرفتاريءَ جو نوٽيس: آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل 15 منٽن  اندر طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڪبر ايس بابر کي اليڪشن ڪميشن جو رڪارڊ ڏيڻ بابت پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪندي اليڪشن ڪميشن ۽ اڪبر بابر کان جواب طلب ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو رڪارڊ اڪبر ايس بابر جي حوالي ڪرڻ کان روڪڻ واري درخواست تي ٻڌڻي دوران اڪبر ايس بابر ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اڪبر ايس بابر کي اليڪشن ڪميشن جي دستاويزن تي دليلن کان روڪيو وڃي، ان تي جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن ۽ اڪبر ايس بابر کي ٻڌي  فيصلو ڪنداسين، ڪنهن شخص کي اليڪشن ڪميشن ۾ مختصر دليل جو حڪم ڪيئن ٿا ڏئي سگهون

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته اليڪشن ڪميشن پاڻ حاصل ڪيل معلومات اڪبر ايس بابر کي نه ڏئيي؟ قانون پڙهي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن کي اهڙي معلومات ڪنهن کي ڏيڻ کان ڪٿي روڪي رهي آهي

عدالت جي استدعا تي پي ٽي آءِ جي وڪيل انور منصور عدالت آڏو لاڳاپيل قانون پڙهيا، جنهن تي جسٽس محسن رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو توهان جي لاءِ آهي ته يترو نه گھٻرايو، جاچ ڪميٽي اڪبر ايس بابر کي پنهنجو وزن نه ڏنو، پاڻ رپورٽ تيار ڪئي

اليڪشن ڪميشن تي ڪا به پابندي ناهي، ڪنهن به اداري کي گهرائي معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو، بعد ۾ عدالت ڪيس جي وڏيڪ ٻڌڻي پهرين اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس بابت اسڪروٽني ڪميٽي غيرفعال