اسلام آباد (م ڊ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جي باضابطا جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ اي جاچ کي جامع بڻائڻ لاءِ 5 رڪني مانيٽرنگ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن جو سربراهه 20 گريڊ جو آفيسر ڊاڪٽر اطهر وحيد هوندو، ٻيا آفيسر معاونت ڪندا. اختيارين موجب ايف آءِ اي فنڊنگ جي ذريعن يعني بينڪ اڪائونٽس ۽ ڪمپنين ۽ فردن جي مالياتي معاملن جا تفصيل حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن کان ڪمپنين جو رڪارڊ به حاصل ڪيو پيو وڃي. آفيسرن جو چوڻ هو ته ڪسٽم ۽ انڪم ٽيڪس آفيسرن جي مدد سان مالي گوشوارن ۽ امپورٽ ايڪسپورٽ جو رڪارڊ به حاصل ڪيو پيو وڃي، سمورا زون پنهنجي دائري ۾ آيل ڪمپنين ۽ فردن جي جاچ ڪندا.