منيلا (م ڊ) فلپائن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن جو زور 6.7 رڪارڊ ڪيو ويو. خانگي ٽي وي موجب زلزلي جا لوڏا فلپائن جي ڏاکڻي صوبن سارنگاني ۽ ڪوٽاباٽو سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي شدت ايتري هئي جو ماڻهو خوف ۾ پنهنجي گهرن ۽ عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا. پئسفڪ سونامي سينٽر جو چوڻ آهي ته زلزلي جي گهرائي 10 ڪلوميٽر هئي، هن وقت تائين ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.