فلوريڊا(انٽرسٽنگ نيوز) شينهن کي سڀ کان خطرناڪ شڪاري جي طور تي سڃاتو ويندو آهي جيڪو خوف جي علامت بڻيل هوندو آهي، هن جي طاقت خودف ڏياريندي آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ۾ سندس دهشت ويٺل هوندي آهي. پر پوءِ به ڪجهه ماڻهو پنهنجي خوف تي ڪنٽرول ڪندي شينهن سان دوستي ڪرڻ پسند ڪندا آهن. ويجهڙ ۾ هڪ وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ فلوريڊا واسڻ جانورن جي سار سنڀال ڪندڙ عورت هڪ وڏي شينهن کي ڀاڪر پائيندي نظر اچي رهي آهي. فلوريڊا جي جهنگلي حياتي پناهگاهه سنگل ويزن ان ڪارپوريشن سان تعلق رکندڙ سمانٿا فيئر ڪلاٿ حيران ڪندڙ فوٽيج انسٽاگرام تي شيئر ڪيا. وڊيو ۾ عورت فيئر ڪلاٿ کي بغير ڪنهن خوف ۽ تڪليف جي وڏي شينهن کي ڀاڪر پائي رهي آهي ۽ نرمي سان تسلي ڏيندي نظر اچي رهي آهي. ان دوران شينهن به عورت جي ڌيان سبب لطف اندوز ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.