ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي 44 سالن جي اداڪاره گريسي سنگهه سالن بعد ميڊيا سامهون اچي وئي، اداڪاره گريسي سنگهه عامر خان جي مشهور فلم “لگان” ۽ سنجي دت جي “منا ڀائي ايم بي بي ايس” ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس اداڪاري کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو، اداڪاره انهن ڪامياب فلمن بعد ٻيهر ڪنهن وڏي فلم ۾ نظر نه آئي، پر 2021 ۾ هڪ ٽي وي ڊرامي ۾ ڪم ڪيو هو، هاڻي سالن بعد گريسي سگنهه ميڊيا سامهون آئي آهي، گريسي سنگهه لگان جي هدايتڪار اشوتوش گواريڪر جي پٽ جي شادي ۾ شرڪت ڪئي، جتي عامر خان سميت فلم جا ٻيا اداڪار به شريڪ ٿيا، اداڪاره گلابي لهنگو پائي شادي ۾ شرڪت ڪئي ۽ اسٽارز لاءِ مخصوص جڳهه تي تصويرون به ڪڍرايون، اتي موجود ميڊيا نمائندا ۽ پاپارازي به گريسي جي اچڻ تي حيران رهجي ويا، گريسي سنگهه اهڙيءَ ريت ميڊيا جي سامهون آئي آهي، رپورٽس موجب اداڪاره سنياس وٺي چڪي آهي، جنهن سبب شادي به ناهي ڪئي، جڏهن ته ان جي تصديق ناهي ٿي سگهي.